اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي زردا??ي هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آ??ڻ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. سومر ڏينهن پي پي پي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير بلوچستان ۾ دهشتگردي جي تازي لهر ۽ ان ضابطو آ??ڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. هن بلوچستان ۾ برساتن کانپوءِ جي ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان تي ضابطو آ??ڻ جي قدمن بابت به آگاهه ڪيو. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان پي پي پي پي جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين بخاري، پ پ پ جي انساني حقن بابت ڪميٽي جي صدر فرحت الله بابر ۽ پ پ پ پ ??ين??رل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف زردا??ي هائوس ۾ ملاقات ڪئي، مُلاقات ۾ سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي ۽ اڳوڻي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنجاب جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي بريفنگ ڏني.