اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عمران احمد صديقي سان ٿائيلينڊ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي وزارت ۾ ملاق??ت ڪئي جنهن جي قيادت مذه??ي معاملن جو ڊائريڪٽر جنرل چياپون ??ڪ ليم ڪري رهيو هو، وفد ۾ انيل ساڪيا پڻ شامل هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٿائيلينڊ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ۾ ٻڌمت جي گڏيل و??ثي سان ڳنڍيل گهري ثقاتي تعلق تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين گڏيل ثقافتي ۽ آرٽ جي منصوبن ۽ پنهنجي گڏيل و??ثي جي گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو.