اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ هم نيوز جي سينيئر اينڪرپرسن عاصمه شيرازي جي گهر ويو ۽ سندس ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خوان?? ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، سيڪريٽري ا??لاعات عنبرين جان، جوائنٽ سيڪريٽري ا??لاعات ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ عاصمه شيرازي جي ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي کي گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڀيڻ ڀاءُ قدرت جا انمول رشتا آهن، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پو??ئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.