لاهور _12 سيٽمبر (اي پي پي) تربيلا ڊيم پنهنجي تاريخ جو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. 50 سال اڳ 1974ع جي ٽئين ٽه ماهي ۾ ڊيم مڪمل ٿيڻ تي تربيلا ريزرو??ئر ۾ پاڻي ڀ??ڻ شروع ڪيو ويو هو. واپڊا ترجمان مطابق تربيلا ٽيم گذريل پنج ڏهاڪن کان قومي فخر جي علامت سمجهو ويندو آهي. اهو سنڌ طاس پلان تحت تعمير ڪيل منصوبن ۾ اهم ترين منصوبو آهي جيڪو ملڪ ۾ لکين ايڪڙ زرعي ايراضي کي پاڻي جي يقيني فراهمي ۽ ٻوڏ جي روڪ ٿام سان گڏوگڏ هزارين ميگا واٽ گهٽ خرچ ۽ ماحول دوست پن بجلي مهيا ڪري رهيو آهي. تربيلا ڊيم گذريل اڌ صدي دوران پاڪستان ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي جو اهم ترين جزو آهي. ملڪي اقتصادي ترقي لاءِ اهو ڊيم ڪيتري قدر اهم آهي، ان ڳالهه جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ت??بيلا ڊيم پنهنجي مڪمل ٿيڻ کان هيل تائين زراعت لاءِ پنهنجي ريزيو??ئر ۾ ذخيرو ڪيل 406 ملين ايڪڙ فوٽ پ??ڻي مهيا ڪري چڪو آهي جڏهن ته ت??بيلا هائيڊل پاور اسٽيشن مان نيشنل گرڊ کي 590 ارب 36 ڪروڙ 10 لک يونٽ سستي پن بجلي فراهم ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پ??ڻي مان لڳ ڀڳ هڪ ارب آمريڪي ڊالر جي برابر حاصل ٿيندڙ معاشي ?? اقتصادي فائدو حاصل ٿيندو آهي. اهڙي طرح ان ڊيم مان 50 سالن ۾ پاڪستان کي 406 ارب آمريڪي ڊالر جي برابر فائدو حاصل ٿي چڪو آهي.