لنڊن-22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي زوب ۾ اينٽي ٽيررازم فورس جي اهلڪارن تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پري?? ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ح??لي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ سندن وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف پنهنجي جانين جو نذرانو ??يش ڪندڙ شهيدن کي پوري قوم سلام ??يش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ لاءِ پرعزم آهيون.