اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پهرين ڏينهن چيو هو ته مولانا جي هڪ ئي ايجنڊا آهي اسان کي به کي??ايو نه ته راند ختم ڪريو، فضل الرحمان اقتدار ج?? محرومي جو بدلو پاڪستان ۽ قوم کان نه وٺي، پاڪستان جي عوام ۽ قومي سلامتي جي ادارن ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اسان جا ادارا اسان جو فخر، ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جا ضامن آهن، پنهنجي ڪڌن ذاتي ??يا??ي ارادن کي تسڪين جي لاءِ انهن کي ??يا??ت ۾ ڌڪڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خصوصي معاون چيو ته جٿن، ذاتي فوج ۽ ج??سي ۾ طالبان جا جهنڊا لهرائي فضل الرحمان پاڪستان جي اڀرندڙ روشن تشخص کي ڇو داغدار ڪرڻ چاه?? ٿو.