اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون دوران ايس او ??يز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني دوران مذهبي سرگرمين لاءِ ايس او ??يز تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪميٽ??ون جوڙڻ جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ مذهبي اسڪالرز، ڪميو??ٽي اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ انهن ڪميٽين جو حصو هوندا.