اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش ورهائڻ جي عمل جو باضابطا افتتاح ڪ??ي ڇڏيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ قائم احساس ڪيش ورهائڻ واري جڳهه جو دورو ڪيو. ان موقعي تي متاثرين ۾ 12 هزار ??پي?? في خاندان ايمرجنسي ڪيش امداد ورهائڻ جي لاءِ تقريب م??عقد ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي ڪري بيروزگار ٿيندڙ مختلف متاثرين کان انهن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن جي حل جي مڪمل خاطري ڪرائي.