اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪورونا جي ويڪسين جلد دستياب هوندي، دنيا جي هر ماڻهو کي ڪورونا ويڪسين تائي?? آسان پهچ حاصل هجڻ گهرجي، طبي ۽ معاشي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وبا تي ??ابطو آڻڻ ضروري آهي، قرضن جي واپسي ۾ نرمي اسرندڙ ملڪن جي مالي مدد جو تيز ترين ۽ موثر طريقو آهي، امير ملڪ غريب ملڪن جي لاءِ 500 ارب ڊالر جو فنڊ قا??م ڪن، ساليانو 1.5 ٽريلين گڏ ڪرڻ جي لاءِ يو اين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ فيسيليٽي قا??م ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ترق?? جي لاءِ سرمائ?? جي فراهمي بابت اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.