اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ ??ي ل??ءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذريعي والاريل ڪشمير ??ي جابراڻو ڏاڍ قائم ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سي??سي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه سان کيڏي رهيو آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ ??ي ل??ءِ ڪردار ادا ??ري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجه??ي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.