اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو ??نگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جي ??پر??شنل معاملن جو ??ائزو ورتو ويو. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا م??مب??ن کي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو ??ظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.