اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي ??ي پي) منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب چيو آ??ي ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري ستل هئي، وزيراعظم عمران خان دنيا ک?? ڪشمير مسئلي جي حساسيت جو احساس ڏياريو آ??ي، مودي جو فاشسزم پوري دنيا آڏو ظاهر ٿي ويو آ??ي، موجوده حڪومت ڪشمير مسئلي جي حوالي سان صحيح رخ طرف گامزن آهي ۽ مون کي پورو يقين آهي ته تمام جلد ڪشمير ۾ آزادي جو سج اڀرندو. اي ??ي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمز تي موثر انداز سان ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو آ??ي، دنيا اڳ ۾ ان مسئلي تي سمهي پئي هئي ۽ اها ان کي پاڪستان ۽ ڀارت جو اندروني مسئلو سمجهندي رهي هئي پر هاڻي اها ڳالهه ناهي رهي. منصوبابندي واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته وزيراعظم عمران خان گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران دنيا ک?? ان مسئلي جي حساسيت بابت احساس ڏياريو جنهن کانپوءِ دنيا ۾ ڪشمير مسئلي جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳالهه ٻڌي وڃي ٿي، انساني حقن جون تنظيمون، پوري يورپي يونينز ۽ گڏيل قومن جا ٻيا ادارا به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ڪري رهيا آهن.