اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع جي لا??ِ احساس ڪفالت جي ايندڙ قسط ايندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندي، ان حوالي سان حصيدار بئنڪن، حبيب بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح سان سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، ڪفالت قسط جاري ڪرڻ سان گڏ ئي ضرورتمند سڄي ملڪ ۾ بايوميٽرڪ ادائيگي جي ذريعي رقم حاصل ڪري سگهندا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ايم ٽي ايمز جي ذريعي رقم ڪڍرائڻ جي معيار ۾ بهتري آڻڻ بابت تيارين جو جائزو وٺڻ لا??ِ ميلوڊي مارڪيٽ اسلام آباد ۾ واقع ايڇ بي ايل برانچ جو دورو ڪيو، هن احساس ضرووتمندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي اي ٽي ايم جي ذريعي بيلنس معلوم ڪرڻ جي ط??يقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو، هن ان ڳالهه جو به ج??ئزو ورتو ته ايڇ بي ايل ڪهڙي ط??ح غريب طبقي لا??ِ سازگار ماحول مهيا ڪندو آهي.