اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته مديني جي رياست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي رياست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مديني جي رياست عوام لاءِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ ??ه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خرچ ڪندو هو. هن چيو موجوده حڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي ??هي ۽ سڌارا آڻي رهي ??هي ته جيئن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻي وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪ??دا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي زمينن ت?? قبضو ڪ??دا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئ?? قبضو ڇڏرائي??دا آهن، هن چيو ته جڏهن اسان جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪندو ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.