لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته معاشي لحاظ کان ڪمزور طبقي جي امداد لاءِ خصوصي منصوبو ٺاهيو وڃي ته جيئن حڪومتي وسيلن کي سبسڊي طور عوامي ڀلا??ي جي لاءِ موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي، مستقبل ۾ عوام کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ ڪڻڪ جي پهچ ۽ اٽي جي اگهه جي نظام کي ج??مع حڪمت عملي تحت مستحڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي ۽ اٽي جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جي ج??ئزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ميوون ۽ ڀاڄين جي منڊين جي تعداد ۾ اضافي جي غرض سان موجوده قانونن ۾ نظرثاني ۽ ترميم، نجي شعبي جي سهڪار ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان ڪيل ??يص??ن تي عملدرآمد جي لاءِ شروعاتي اڳڀرائي ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ??ي وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايتن جي روشني ۾ ضروري شين جي عوام الناس ??ي مقرر ڪيل اگهن تي دستيابي، اٽي جي اگهه ۾ لاٿ آڻڻ لاءِ ڪڻڪ مان اٽي جي پيداوار وڌائڻ جي ڏس ۾ فلور ملن ۾ پيسا??ي جي 80:20 تناسب تي عملدرآمد، ڪڻڪ جي خريداري، پهچ ۽ اسٽوريج ۾ انتظامي خرچن ۾ گهٽتا??ي جي حوالي سان سڌارن تي ڄاڻايل تجويزون پيش ڪيون ويون.