اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرم??ن محمد صادق سنجراڻي چيو آه?? ته عالمي برادري فلسط??ن مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، فلسط??ن مسئلي جو حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آه??. سينيٽ چيئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسطين جي سفارتخاني ويو ۽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اسرائيلي فورسز جي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، معصوم فلسطينن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، غير قانوني آبادي ڪاري ۽ قبضو، فلسطينين جي زبردستي بي دخلي انساني حقن ۽ عالمي قانون جي سنگي?? خلاف ورزي آه??. سينيٽ چيئرمين چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آه??، فلسين جي مسئلي جو حل سڄي دنيا ۽ خاص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آه??، انساني حقن جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسطين جي مسئلي کي سنجيده وٺندي جلد کان جلد بهتري لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسط??ن مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي. فلسط??ن مسئلي جو حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آه??، هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀائرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آه??، پوري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.