اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جو انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، 15 ملين ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ?? آن??و ويندو، کاڌي پيتي جي شين تي ??يل?? ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ايف بي آر ڪنهن ٽيڪس باقيدار کي گرفتار نه ڪندو پر پهرين ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊٽ ٿيندو، پوءِ ضا??طي جي ڪارروائي کانپوءِ گرفتاري جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ناڻي واري وزير چ??و ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽيڪس ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جا انڪم ٽيڪس لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته اسان ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار کي وڌائينداسين جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽيڪس نيٽ جي دائري ڪار ۾ آڻينداسين.