اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص ??دمن واري وفاقي وز??ر اسد عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرح 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 4 هفتا اڳ 50 سال کان وڏي عمر جي 21 سيڪڙو پاڪستانين ڪورونا ويڪسين جي هڪ خوراڪ لڳرائي هئي ۽ هاڻي اها شرح وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي. وفاقي وز??ر وڌيڪ چيو ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جو ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، مهرباني ڪري خاص طور تي ان عمر جي ماڻهن کي ويڪسين لڳرائڻ جي ترغيب ڏيو.