اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي آ??ي. ??يوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽو??يو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽو??يو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن بهتر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ??يو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيک??ري??دو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوصلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.