اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وز??ر اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وز??رن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وز??رن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شاهه محمود قريشي چيو ته سيلو وينيا يورپي يونين جو ??هم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو وينيا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيهي وز??ر يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو وينيا جي پرڏيهي وز??ر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيهي وز??ر اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي افغانين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وز??ر پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وز??رن سان ٿيل رابطن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وز??رن ۽ ايس سي او سم?? جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو وينيا جي پرڏيهي وز??ر کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فر??هم ڪئي، پرڏيهي وز??ر لوگار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وز??رن پاڪستان ۽ سيلو وينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.