اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي واپاري، اقتصادي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل بحرين جي پارلياماني وفد جي وچ ۾ ملا??ات ۾ طئي ٿيو. وفد جي قيادت بحرين جي نمائندن بابت ڪائونسل جي اسپيڪر فوزيه بنت عبدالله زينل ڪري رهي هئي. صدر بحرين جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي مذهب ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن تي ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۾ بحرين کي زراعت، غذائي شين، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ جراحي اوزارن جي برآمدات جا وسيع امڪان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي ڇو ته هتي واپار ۽ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا آهن ۽ بحرين جي واپاري برادري کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر عارف علوي اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن پاران گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن تي پڻ روشني وڌي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحرين جي شا??ه حمد بن عيسي?? الخليفه ۽ ولي عهد شهزاده عظميٰ شا??ه سلمان بن حمد الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز قائم ڪرڻ تي بحرين حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي فوزيه بنت عبدالله زينل چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن ٻنهي ڀ??ئر?? ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن بحرين جي بادشاهه ۽ وزيراعظم پاران صدر عارف علوي کي مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو. ملا??ات ۾ بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.