اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي واهگا بارڊر جي رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض ??ان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون واهگا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني ??مداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي جو ثبوت آهي. ان فيصلي ??ان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انساني ??مداد جي فراهمي ۾ تيزي آڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.