اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ملاقات دو??ان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي پهرين دو??ي تي سندس آجيان ڪئي ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ سندس شرڪت تي ??ور?? مڃيا. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ او آءِ سي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن افغانستان جي ڪمزور آبادي کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ عالمي برادري پاران معاشي ڳالهين جي ضرورت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش اسلامو فوبيا جي چئلينج کي پڻ اجاگر ڪيو. هن تجويز ڏني ته او آءِ سي سڄي دنيا جي ماڻهن کي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي محبت ۽ عقيدت مندي کان آگاهي جي لاءِ قيادت ڪري. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. او آءِ سي پاران ڪشميرين جي ڀرپور حمايت کي ساراهيندي هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جاري رکي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل افغان عوام کي درپيش انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن ??اري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي ??ور?? مڃيا. هن پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دو??ان ڀرپور ميزباني تي پاڪستان ۽ ان جي عوام جا پڻ ??ور?? مڃيا.