اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد الجسر چيو آهي ته ڪو به ملڪ ۽ ادارو افغانستان ??ي مالياتي بحران ۽ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڪيلي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي، افغانستان ۾ امن امان ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ضرورت ??هي، افغانستان کي انساني هم??ردي تحت امداد سا?? گڏوگڏ پائيدار ترقي ۽ مالي امداد جي فراهمي ضروري آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته اڄ اسان ??فغانستان ??ي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين چيو ته عالمي برادري کي ماضي مان ??بق سکندي افغانستان ??ي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي ادارن ۽ علائقائي تنظيمن کي موجوده صورتحال ۾ افغانستان ??ي مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو موجوده بحران مان نڪري سگهي، افغانستان ??ي گهڻي آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي جنهن جي مدد جي ضرورت ??هي. سندس چوڻ هو ته بئنڪ 1975ع کان ??سلامي دنيا ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ گذريل 46 سالن دوران هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي ڀرپور مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد انهن کي اقت??اد?? ۽ سماجي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. هن چيو ته افغانستان ??ي لاءِ هيومنٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي، اسلامي ترقياتي بئنڪ افغانستان ۾ مالياتي رابطي جي لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪندي، اسان ??مورن ملڪن کان ??ن بابت تعاون جا گهرجائو آهيون. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي چيئرمين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. اسلام آباد ۾ افغانستان ??ي صورتحال تي غور جي لاءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران ??ان، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل، ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن، نمائندن ۽ مبصرن کانسواءِ گڏيل قومن جي مختلف تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن، پي فائيو، يورپي يونين ۽ ٻين ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس پاڪستان ??ي انهن ڪوششن جو حصو آهي جنهن جو مقصد افغانستان ??ي موجوده صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي ته جيئن ڊگهي جنگ ۽ گهرو ويڙهه کان متاثر ملڪ کي ڪنهن به وڏي انساني بحران کان ??وڪي سگهجي. اسلامي تعاون تنظيم پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو بنيادي مقصد مسلمان ??مت پاران ??فغانستان ??ي عوام سان يڪجهتي جو اظهار آهي جڏهن ته انهن کي انساني بنيادن تي افغانستان کي امداد جي فراهمي لاءِ ٺوس قدم کڻڻا آهن. ان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان ??نيا کي اهو باور ڪرايو ويو آهي ته افغانستان ??ي موجوده صورتحال رڳو هڪ انساني الميي کي جنم نه ٿي ڏئي سگهي پر ان ??ي نتيجي ۾ خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ هنگامي امداد ڪوآرڊينيٽر مارٽن گريفٿس پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ??ي موجوده صورتحال جي ڪري ملڪي معيشت کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهن کي بک جو خطرو آهي، ان ??ورتحال جي ڪري ملڪ ۾ صحت ۽ تعليم جا شعبا به بري طرح متاثر ٿيا آهن، 70 سيڪڙو استادن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن جڏهن ته لکين ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده صورتحال جي ڪري سيڙپڪاري رڪجي وئي آهي، انساني هم??ردي جي ادارن کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، افغانستان ۾ عالمي ترقياتي امداد بند ٿي وئي آهي ۽ ان ??ي نتيجي ۾ ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري پڻ وڌي وئي آهي. هن چيو ته او آءِ سي افغانستان ۾ انساني الميي کي روڪڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اڄ جي هي ڪانفرنس افغان ??وام سان يڪجهتي جو اظهار آهي. هن چيو ته گڏيل قومون ايندڙ سال افغانستان ??ي حوالي سان 4.5 ارب ڊالر امداد جي وڏي اپيل ڪندي، افغانستان ۾ صحت، تعليم، بجلي ۽ ٻين شعبن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ امداد جي ضرورت ??هي، جيڪڏهن اسان يڪجهتي ۽ فوري قدم نه کنيا ته ان ??ا سنگين نتيجا نڪرندا، موجوده صورتحال جي ڪري افغانستان ۾ ڪڻڪ ۽ ٻارڻ جي قيمت وڌي وئي آهي.