اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صدر اسلام آباد جي جامع مسجد مان ”اسلام ۾ خاندان جي نظام جو تصور“ جي موضوع تي معمول موجب جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، ڊاڪٽ?? ا??يس احمد جمعي جو خطبو ڏنو. ايوان صدر جي عملدارن ۽ ع??لي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽ?? ا??يس احمد جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ خاندان جي اهميت ۽ تقويٰ جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن چيو ته خاندان تربيت ڏيڻ جو پهريون ادارو هوندو آهي، خاندان معاشري جو محفوظ هجڻ جي ضمانت آهي، هن چيو ته اسلام جي تصور ۾ خاندان ۾ مرد ۽ ع??رت برابر آهن الله تعاليٰ هڪ نفس کان ان جو جوڙو تخليق ڪيو، هن چيو ته خاندان جو تصور محدود نه پر وسيع آهي، جديد تهذيب خاندان جي نظام کي نقصان پهچايو آهي، تقويٰ جو مفهوم الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ آهي، سڀ??ي معاملن ۾ الله جي رضا حاصل ڪرڻ وارا متقي هوندا آهن، اسلام ۾ رهبانيت جو ڪو تصور نه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واض?? رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.