اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيم??لي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسيم??لي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيهي وزير ايم ڪ??و ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪ??و ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم شاهه محمود قري??ي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪ??و ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمود قري??ي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آ??ي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمود قري??ي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به رد ڪري چڪي آ??ي، ان قانون جي خلاف اسيم??لي جي اندر احتجاج ۽ اسيم??لي جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آ??ي، مخدوم شاهه محمود قري??ي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.