اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ سعودي عرب جي لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ ۽ پ??ڏيهي وزارت جي سينر آفيسرن شرڪت ڪئي، نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ ??اڪ??تان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ۽ خليل هاشمي ۽ آمريڪا ۾ ??اڪ??تان جي سفير اسد مجيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ واشنگٽن لاءِ ??اڪ??تان جي نامزد سفير سردار مسعود خان به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان جي معاشي استحڪام لاءِ اسان اقتصادي ترجيحاتي ايجنڊا تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اقتصادي سفارتڪاري اسان جي ترجيح ايجنڊا آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت پهريون ڀيرو جامع قو??ي سيڪيورٽي پاليسي جوڙي، اسان جي قو??ي سيڪيورٽي پاليسي جو فوڪس اقتصادي ترجيحن تي عملدرآمد ۽ اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ تي آهي، پرڏيهي وزير اقتصادي سفارتڪاري کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سينئر سفيرن پاران سامهون ايندر تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اقتصادي سفارتڪاري ڊويزن جي جلد قيام جي لاءِ پرعزم آهيون.