اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هيستائين جون سموريون حڪومتون هڪ طرف پر وزيراعظم عمران خان جي ساڍي ٽن سالن جو اقتدار جي دور ۾ بيشمار سفارتي ڪاميابي??ن مليون آ??ن. ??ملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم پرچين جي سياست کان مٿانهون ٿي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت رکي ٿو، دنيا عمران خان کي عزت ۽ احترام جي نظر ??ان ڏسي ٿي، ٽن مهينن ۾ او آءِ سي جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، عالمي سطح تي موثر آواز بلند ڪرڻ تي گڏيل قومن جو 15 مارچ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو، عمران خان افغانستان تي عالمي ڌيان ڇڪرايو، ڪشمير مسئلي کي دلير وڪيل بڻجي اجاگر ڪيو، اهو سڀ ڪج??ه وزيراعظم عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو.