اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيٽزرلينڊ جي سفير ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب سوئيٽزرلينڊ جي سفير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير سوئس سفير جي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سوئيٽزرلي??ڊ پاڪستان ۾ پهرين 10 سيڙپڪار ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ وڌيڪ سوئس ڪمپنين کي مختلف ??عبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڀليڪار چونداسين.