اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وبا تي ضابطو آندو ويو. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين جي مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 3 رهجي ويو. پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وبا پکڙجڻ تي وزي??اع??م شهباز شريف جي ??اص هدايتن تي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا، ان ڏس ۾ وزي??اع??م کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ موجب پيرڪوهه ڊيره بگٽي ۾ هيضي جي وبا جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پاڻي جي ??ستعمال سان ٿيو. وزي??اع??م جي هدايت کانپوءِ پاڻي جي ??ستعمال کي روڪڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان جي ڪلورينشن کانپوءِ ان کي پيئڻ کانسواءِ استعمال جي لاءِ کوليو ويو ??هي. رپورٽ موجب وزي??اع??م جي هدايتن جي ??وشني ۾ صوبائي حڪومت پاران فوري طور تي دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پيرڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊيڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پيرڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سان گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پيراميڊيڪل اسٽاف جي ??ملي کي پيرڪوهه مقرر ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرڪوهه ۽ ڊيره بگٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن جي ??وڙجڪ ڪئي وئي ??هي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ منشيات جي ??اتمي وارو وزير نوابزاده شاهه بگٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، صحت جي ??المي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره بگٽي جو دورو ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي ۽ پي ڊي ايم اي پاران 4000 گيلنز صاف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وزي??اع??م جي ??صوصي هدايت تي پيرڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي ??س??يم?? کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد سان گڏوگڏ صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون. رپورٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، هڪ 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ڪئي وئي ??هي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن ??اق??ن کان بچاءُ جي لاءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي ??هي.