ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ ت??ديلي گڏيل قومن جي قر??ردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪا?? کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي ??بض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق بحال ڪرائي. سنڌ جي وقتي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن ??خل??قي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.