اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرين جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ عالمي برادري جي تعاون سان متاثر علائقن جي نئ??ن سر تعمير ۽ متاثرين جي آبادڪاري ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن اسلام آباد ۾ رهندڙ سفارتڪارن?? هاءِ ڪمشنرز ۽ سينيئر سفارتي ??ملي سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي سڄي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيندڙ تباهي بابت آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اقتصادي معاملن واري ڊويزن، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي شريڪ ٿيندڙن کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ حڪومت پاران هيستائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ??اني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اڃا تائين نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. وزيراعظم عالمي برادري پاران همدردي جي اظهار ۽ تعاون جي خاطري تي ??نهن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته اس??ن گڏجي نئ??ن سر تعمير ۽ آبادڪاري کي يقيني بڻائينداسين.