اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عالمي ادارن کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين تي بريفنگ ڏني وڃي ۽ انهن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن کي پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان موجب ??زي??اعظم متاثر علائقن ۾ 40 هزار تنبو ۽ هڪ لک راشن جا پيڪيٽس فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. ??زي??اعظم لاڳاپيل سمورن ادارن کي متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن ک?? تيز ڪرڻ جي لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي بابت معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي ??زي?? شيري رحمان، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر اويس لغاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعلي?? سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.