ڪابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏنا ويندا. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم شهباز شريف گلگت بتلستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معام??ن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ وز??را??ظم جو پبلڪپاليسي/ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن وارو خاص معاون فهد حسين پڻ وز??را??ظم سان گڏ هئا. وز??را??ظم کي گلگت بلتستان حڪومت ۽ غذر جي ضلعي انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي. وز??را??ظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کانپوءِ مجموعي طور تي 10000 ڪينال زرعي زمين متاثر ٿي، 1000 کان وڌيڪ گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو. درجنين پليون، سوين واٽر سپلائي لائينون ۽ واٽر چينلز تباهه ٿيا. ان کانسواءِ ٻوڏ جي ڪري سوين ڪلوميٽر رستي جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وز??را??ظم اعلان ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ 3 ارب رپيا ڏنا ويندا. وز??را??ظم پاران ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا في خاندان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. وز??را??ظم غذر ضلعي جي ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي. بوبر ڳوٺ جا 17 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا. ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين ۾ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙي پڻ شامل هئي جنهن جي خاندان جا ??يترائي ماڻهو ٻوڏ ۾ وهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويا. وز??را??ظم ٻارڙي سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان جي لاءِ 50 لک رپين جو اعلان ۽ ان ج?? نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وز??را??ظم جي هدايت تي ٻوڏ کان متاثر 10 يونين ڪائونسلز جي متاثر خاندانن کي 25000 رپيا في خاندان ڏنا ويندا. وز??را??ظم عذر ضلعي جي ٻوڏ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڳوٺ بوبر جي لاءِ 100 ملين رپيا فنڊ ۽ وفاقي گرانٽ جي ذريعي ڳوٺ بوبر جي لاءِ 5 ڪلوميٽر پڪي رستي جي تعمير جو اعلان پڻ ڪيو. ان کانسواءِ وز??را??ظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي غذر ضلعي ۾ 6 تباهه ٿيل پلين جي تعمير ۾ مدد جي هدايت پڻ ڪئي. وز??را??ظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري گڏجي فوري طور تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائين.