اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پ??پلزپارٽي ضلعي جهنگ جي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات راڻا سرفراز احمد جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن راڻا سرفراز احمد سميت سمورن سوڳوارن سان دلي تعزيت ۽ همدر??ي جو اظهار ڪندي مرحوم جي لاءِ جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.