ابوظ??بي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد سان هتي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄا??ي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني بزنس مين پنهنجي محنت ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي برادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزيراعظم پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏيل عرب امارات جي وفد کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار?? جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ بزنس مين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وف??قي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وف??قي وزير خواجه آ??ف ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.