ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي جي دو??ي جي پهرين ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ جي دو??ي جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي ??ي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏ??ل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪا??ي جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيدا??ي جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح ??ي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي پاڪستان جي دو??ي جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو تعين سفارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.