ڪراچي – 17 – ج??ور?? (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته جيئي ڀٽ?? جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام ووٽ جي طاقت سان نام نهاد مقبول اڳواڻن جو پول به کولي ڇڏيو، بل??ياتي چونڊن کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي واحد سڀ کان وڏي پارٽي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جا ٿورا مڃان ٿو ته انهن جيالي ??ميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊيو. بل??ول هائوس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن پاران بل??ياتي چونڊن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڪيو آهي. بل??ول ڀٽ?? زرداري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق جي زنجير آهي ۽ ملڪ جي سمورن طبقن تي ٻڌل ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي فتح سڄي ملڪ جي فتح آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ترقي لاءِ سمورين سياسي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ، عوام جي خوشحالي ??و سبب بڻجندو. بل??ول ڀٽ?? زرداري وڌيڪ چيو ته عوام پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي چونڊي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. جيئي ڀٽ?? جي نعرن سان گونجندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. بل??ول ڀٽ?? زرداري چيو ته بل??ياتي چونڊون کٽيندڙ سڀني جيالي ??ميدوارن جي ذميواري آهي ته اهي عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. واضح رهي ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ يونين ڪائونسل چيئرمين پيپلزپارٽي جا ڪامياب ٿيا آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي.