اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير جو ڏهاڙو اڄ پوري قومي عزم ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڄمون ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ م??يم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرف??ن آزاد ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪت?? جو اظهار ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ڪشمير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شهباز شريف جي هدايت تي يوم يڪجهتي ڪشمير سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، م??يم اورنگزيب چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا ??ي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.