اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمر??ڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمر??ڪي پرڏيهي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آمريڪا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ وا??نگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري ج?? فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمر??ڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آمر??ڪي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمر??ڪي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي وا??ي بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ شولي سان عالمي ترقي بابت آمر??ڪي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وا??ٽ، پاڪستان ۾ آمر??ڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آمر??ڪي پرڏيهي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.