اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج ??حس??ن ۽ شاباس ڏني ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم دهشتگرد حملي جو سخت نوٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج ??حس??ن ۽ شاباس ڏني. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان کي دهشتگردن جي خلاف آپريشن ڪلين اپ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري ??يا??تي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پوري قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل ??هي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي.