اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ مان ??سم??لنگ جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس، ڪجهه ڪارين رڍن کي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي ۽ پاڪستانين جي حق تي هرگز ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، ??سم??لنگ جي روڪٿام جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ اس??يئرنگ ڪميٽي ق??ئم ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خ??بر??ختونخواهه ۽ ب??وچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري، ??سم??لنگ ۾ ملوث يا ان جي روڪٿام ۾ سستي ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، ??سم??لنگ جي ڪوشش دوران ضبط ٿيل مال جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري اصل ڏوهارين کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ??سم??لنگ جي خاتمي وارين عدالتن جو انگ ۽ صلاحيت کي وڌايو وڃي، ??سم??لنگ جي خاتمي وارين عدالتن ۾ جلد فيصلا ۽ سخت سزائون يقيني بڻايون وڃن، ??سم??لنگ جي ڪاري ڌنڌي ۾ ملوث ملز مالڪن، ڊيلرز ۽ گودام مالڪن سڀني کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، اس??ارڪو ??سم??لنگ جي سرگرمين جي سيٽلائيٽ نگراني ۾ مدد ڪري، ??سم??لنگ جي روڪٿام لاءِ سرگرم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ مان ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي ??سم??لنگ جي روڪٿام تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، حساس ادارن جي سربراهن، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ جي سرحدي ضلعن ۽ صوبائي سرحدن تي جاري ??سم??لنگ جي خاتمي جي ڪاررواين بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي سرحدي ضلعن ۾ ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل چيڪ پوسٽن جي انگ کي وڌائي 10 ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوائنٽ پيٽرولنگ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران خضدار مان 6 هزار ٽن کان وڌيڪ ??سم??لنگ جون شيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن، رڳو گذريل هفتي ۾ ئي آپريشن دوران ضبط ڪئي ويندڙ شين جو مقدار 4342 ٽن آهي جيڪو ٽرڪن جي ق??فلن ۽ گودامن ۾ ??سم??لنگ جي نيت سان موجود هو. اجلاس کي حساس ادارن جي نشاندهي تي ??سم??لنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسرن جي برطرفي ۽ شهرت يافته آفيسرن جي مقرري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ??سم??لنگ جي روڪٿام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته الله رب العزت جي ڪرم ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿي، ٻوڏ ۽ برساتن جي باوجود آبادگارن جي محنت ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ڀرپور پيداوار تي هن ملڪ جي عوام جو حق آهي، ??سم??لرن کي هرگز هن ملڪ جي عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ جي هلندڙ سال کان به وڌيڪ پيداوار جي لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي، حڪومت آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ برآمد ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين، ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي ??سم??لرن جي خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي، ??سم??لنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله فوري طور تي خ??بر??ختونخواهه ۽ ب??وچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري.