اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل انتهائي شديد سامونڊي طوفان بپر جوا??ِ وڌيڪ ڪمزور ٿي ڪيٽگري ون جي سامونڊي طوفان ۾ ت??دي?? ٿي ويو آهي. نيشنل ڊزاسر مينجمينٽ اٿارٽي موجب جمعي تي منجهند جو سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان 145، ٺٽي کان 169 ۽ ڪراچي کان 230 ڪلو ميٽر ڏور ڏکڻ اوڀر ۾ هو، طوفان جي سطح تي هوا جي رفتار 80 کان 90 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جڏهن ته ان جي مرڪز جي پسگردائي ۾ 110 ڪلو ميٽر ريڪاڊ ڪئي وئي، سمنڊ ۾ لهرون 10 کان 12 فٽ هيون. واضع رهي ته پا??ست??ن جي سامونڊي ڪناري واري پٽي تي امڪاني اثرن جو دارومدار طوفان جي وڌيڪ اڳڀرائي تي آهي، لاڳاپيل ??دا??ا ڪنهن به هنگامي صورت??ال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن، طوفان جا اثر ختم ٿيڻ تائين عوام کي محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.