اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ت??قياتي منصوبن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي منصوبن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ت??قياتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يق??ني بڻايو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، و??ي??اع??م جي صلاحڪار احد خان چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يق??ني بڻائي، ترقياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزي??اع??م چيو ته ت??قياتي منصوبن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.