لاهور – 13 جون (اي پي پي) ??نج??ب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ سامونڊي طوفان بائپر جوائي کي منهن ڏيڻ لاءِ ??نج??ب حڪومت طرفان مڪمل سهڪار جي يقين ڌياني ڪرائي. نگران وڏي وزير چيو ته ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي سميت ??نج??ب جا لاڳاپيل ادارا هر وقت سنڌ جي ڀيڻ ڀ??ئر?? جي مدد لاءِ حاضر آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ آبادي جي انخلا جي حوالي سان به سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ تيار آهيون. وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان سنڌ جي ڀيڻ ڀ??ئر?? جي هر ممڪن مدد ڪرڻ ذميواري قومي فرض سمجهي نڀائينداسين. هن چيو ته ??نج??ب جي امدادي سرگرمين سان لاڳاپيل ادارن کي سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ الرٽ ڪري ڇڏي?? آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سهڪار جي يقين ڌياني تي ??نج??ب جي نگران وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون ۽ ضرورت پوڻ تي آگاهه ڪنداسين.