اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نا??يواري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو ??اڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نا??و پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دو?? سان ڳنڍيل آهي، جڏهن ڊراما پنهنجي جاندار ڪردارن ۽ اداڪاري جي ڪري ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پنهنجي لازوال ڪردارن ۽ شاندار اداڪاري جن سان منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳيل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ د??جا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.