اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ??ي اقليتي برادري پاڪستاني قو??يت جو بنيادي حصو آهي، دفاع، تعليم، صحت ۽ سماجي خدمت سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان ??ي غيرمسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان ??و آئين ذات پات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي ??قن جي فراهمي جي ضمانت ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي اسان ??ي قو??ي سڃاڻپ جي واضح خصوصيت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اقليتن جي قو??ي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان ??قليتن جي قو??ي ڏينهن تي پاڪستان ??ي امن، ترقي ۽ خوشحالي ۾ غيرمسلمان پاڪستاني شهرين جي ڪردار کي ملهائي رهيا آهيون، اسان ??ي اقليتي برادريون پاڪستاني قو??يت جو بنيادي حصو آهن، آزادي جي جدوجهد کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني اقليتن ملڪ جي تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، دفاع هجي يا تعليم، صحت هجي يا سماجي خدمت، زندگي جي سمورن شعبن ۾ اسان ??ي غيرمسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن اهم ڪردار اد اڪيو آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان ??و ڌيان قائداعظم جي قانونساز اسيمبلي ۾ڪ يل ان ??اريخي تقرير طرف ڇڪرائي ٿو جنهن ۾ هن نئين رياست پاڪستان ??ي شهرين جي لاءِ رهنما اصول جوڙيا هئا. هن چيو ته پاڪستان ??و تصور غيرمسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن کانسواءِ اڻ مڪمل آهي، اسان ??ي ملڪ جي جهنڊي ۾ اڇو حصو ملڪ ۾ اقليتي برادري جي جڳهه جي علامت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي پهرين قانون واري وزير جوگندر ناٿ منڊل کان وٺي ڊاڪٽر ميرا فيلبس تائين، ڊاڪٽر رٿ فائون کان وٺي جسٽس دراب پٽيل تائين، اسان ??ي ملڪ جي ناليورين غيرمسلمان ??خصيتن جي فهرست تمام ڊگهي آهي جن جي عوامي خدمتون کي ساراهيو وڃي ٿو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي اسان ??ي قو??ي سڃاڻپ جي واضح خصوصيت آهي. اسان ??و آئين ذات پات، نسل ۽ رنگ جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي، سياسي، مذهبي ۽ معاشي ??قن جي فراهمي جي ضمانت ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان ??ي اقليتي برادرين کي بااختيار بڻائڻ، عوامي پاليسي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ??يندڙ حڪومتن ان مقصد جي لاءِ وسيلا رکيا آهن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته اقليتن جي قو??ي ڏينهن تي آئون قو?? جي تعمير ۾ غيرمسلمان پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريا?? ٿو ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي مستقل ۽ پختي عزم جو يقين ڏياريا?? ٿو. هن چيو ته آئون معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪريا?? ٿو ته اهي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪن، ڪنهن به قو?? ۾ اتحاد جي جذبي کان وڌيڪ طاقتور ڪا شيءَ نه آهي ڇو ته اهو ان ??ي تخيل کي طاقت بخشي ٿو ۽ مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي عزم کي مضبوط ڪري ٿو، قائداعظم جو نصب العين، ايمان، اتحاد، نظم اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.