اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي پاران ڪشميري انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن ??رم پرويز ۽ عرفان معراج جي گرف??ار?? ۽ انهن تي هنيل الزامن تي سخت ڳڻتي تي ٻڌل خط ڀارتي حڪومت کي موڪليو ويو آهي جيڪو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي عملدارن تي هڪ ٻيو فرد جرم آهي ڇو ته انهن ڪشمير ۾ انساني حقن جي محافظن کي خاموش ۽ هراسان ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، ڀارت ??رم پرويز ۽ عرفان معراج سميت ٻين ڪارڪنن جي بنا جواز ۽ غيرقانوني نظربندي ختم ڪري. هفتيو??ر پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته محمد سائرس سجاد قاضي اسد مجيد خان جي جڳهه تي پرڏيهي س??ڪر??ٽري جون ذميواريون سنڀالي ورتيون، هو پاڪستان جو 32 هون پرڏيهي س??ڪر??ٽري هوندو، هوگهڻ رخي سفارت??ار?? جو وسيع تجربو رکي ٿو، هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جنيوا ۾ 1995ع کان 1999ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون، هو 2005ع کان 2006ع تائين نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر، واشنگٽن ڊي سي ۾ 2006ع کان 2013ع تائين جڏهن ته 2015ع کان 2017ع تائين هنگري ۽ 2017ع کان 2022ع تائين ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. ترجمان چيو ته اسان ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي خدمتن ۽ سفارت??ار?? تي سندس دل سان ٿورا مڃون ٿا، سندس قيادت ۾ پرڏيهي وزارت ڏکئي عالمي چئلينجن کي منهن ڏنو ۽ پاڪستان جي عالمي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو، پاڪستان جي فارن سروس جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ سندس ڪوششن کي ياد رکيو ويندو جيڪي قوم جي لاءِ پائيدار ثمر رکن ٿيون، ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ۽ مستقبل ۾ ان جي لاءِ نيڪ خواهش رکون ٿا. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي انساني حقن بابت خصوصي ايلچي پاران ڀارتي حڪومت کي خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ ڪشميري انساني حقن جي ڪارڪنن ??رم پرويز ۽ عرفان معراج جي غيرقانوني حراست، الزامن ۽ نظربندي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. خط تي گڏيل قومن جي انساني حقن بابت خصوصي ايلچي جون صحيحون آهن، ??رم پرويز ڄمون ۽ ڪشمير ڪوليشن آف سول سوسائٽي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر آهي جڏهن ته عرفان معراج ان سوسائٽي جو ريسرچر آهي، نئين دهلي جي روهني جيل ۾ نظربند آهي، گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته انهن جون گرف??ار??ون ۽ نظربندي انهن جي انساني حقن جي ڪم ۾ غيرقانوني رڪاوٽ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض عملدارن تي هڪ ٻيو فرد جرم آهي ڇو ته اها ڪشميري انساني حقن جي محافظن کي خاموش ۽ حراسان ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اسان ڀارت تي زور ڏيون ٿا ته هو ??رم پرويز ۽ عرفان معراج ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪشميري ڪارڪنن جي بنا جواز ۽ غيرقانوني نظربندي ختم ڪري جيڪي ڀارتي ڏاڍ جي خلاف آواز اٿارڻ تي جيلن ۾ قيد آهن.