گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان جي معاشي بحال?? جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ج??ڙڻ ۽ حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران مقامي پوکيءَ جوڳي زمين کي استعمال ۾ آڻي ڀاڻڀرائپ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ سيڙپڪاري س??ن واڳيل آهي، شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙڻ ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ لاڳپايل نگر??ن وفاقي وزير، گلگت بلتستان ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر موجود هئا. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي قيادت نگر??ن وزيراعظم کي مختلف مسئلن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي ??يد??وار تي سبسڊ?? جي فراهمي ج?? معاملو بحث هيٺ آيو. نگر??ن وزيراعظم گلگت بلتستان کي وفاق پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. نگر??ن وزيراعظم گلگت بلتستان جي قيادت کي حڪومتي سبسڊي تي ڀاڙڻ بدران پوکيءَ جوڳي زمين جي زرعي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻي پاڻڀرائپ آڻڻ جي تلقين ڪئي. نگر??ن وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻڀرائپ ??يد?? ڪرڻ طرف پنهنجو ڌيان ۽ توانائي ڏيڻي پوندي تڏهن ئي ملڪي معيشت بحال?? جي رستي تي گامزن ٿيندي. گلگت بلتستان ڪابينا جي وزيرن نگر??ن وزيراعظم کي گلگت ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تجويزون ڏنيون. نگر??ن وزيراعظم عملدارن کي گلگت بلتستان جي معاشي بحال?? جي لاءِ حڪمت عملي ج??ڙڻ جي هدايت ڪئي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي گهڻن مسئلن جو حل علائقي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري س??ن واڳيل آهي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ فرقيواراڻي انتشار جي بنياد تي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي ۽ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.