نيويارڪ – 19 – سي??ٽم??ر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊينمارڪ جي پرڏيهي وز??ر لارس لوڪي راسموسن سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي ۽ واپار کا??سواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.